نوي سيڪڙو عالمي معيشت ٻاڙائي جي وڪوڙ ۾ آهي: آءِ ايم ايف

واشنگٽن :- بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سڄي دنيا ۾ ٻاڙائي جي وڌيڪ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪندي خبردار ڪيو آهي ته 90 سيڪڙو عالمي معيشت ٻاڙائي جي وڪوڙ ۾ اچي چڪي آهي ۽ هلندڙ سال ترقي جي شرح موجوده ڏهاڪي جي شروعات کان سڀني کان هيٺاهين سطح تي رهي سگهي ٿي. هڪ هفتو اڳ آءِ ايم ايف جي منيجنگ ڊائريڪٽر جو عهدو سنڀاليندڙ ڪرسٽلينا جارجيوانيا ايندڙ هفتي ٿيندڙ آءِ ايم ايف جي سالياني اجلاس کان اڳ هتي عالمي معيشت بابت هڪ تقرير دوران چيو ته ٻه سال اڳ صنعتي گهرو پيداوار (جي ڊي پي) جي لحاظ کان دنيا جي 75 سيڪڙو معيشت جي ترقي جي شرح جو گراف مٿي ڏانهن وڌي رهيو هو پر اڄ اٽڪل 90 سيڪڙو عالمي معيشت جي ترقي جي شرح گهٽجي رهي آهي.