نوشهرو فيروز پوليس هٿان گم ڪيل نوجوان وحيد جوڻيجو جي بازيابيءَ لاء امڙ جو احتجاج

مورو:- (رپورٽ سنڌي الطاف سومرو)  نوشهرو فيروز پوليس هٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان وحيد جوڻيجو جي بازيابيءَ لاء سندس امڙ مسمات بيگم جوڻيجو ۽ پٽ جنيد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو۔
هنن پوليس خلاف نعرا هنيا ۽ پٽ جي بازيابيءَ جي گھر ڪئي۔ هنن صحافين آڏو دانهيندي چيو تہ نوشھرو فيروز پوليس جي ايس ايڇ او حنيف مھر بنا ڪنهن سبب جي منهنجي پٽ کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آھي، جنهن کي هڪ هفتو گذري ويو آھي ۽ ڪٿي بہ موجود ناهي۔  ايس ايڇ او نوشھرو فيروز حنيف مهر جو چوڻ آھي تہ اوهان جو پٽ مون وٽ ڪٿي لڪيل آھي، مون کي پيسا ڏيو تہ اوهان جي پٽ کي آزاد ڪريان نہ تہ اوهان کي اوهان جي پٽ جو لاش ملندو۔  هنن وڌيڪ چيو تہ ايس ايڇ او نوشھرو فيروز حنيف مهر اسان کي بہ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي ۽ اسان اهڙي درخواست عدالت ۾ پڻ داخل ڪرائي آھي۔
هنن آئي جي سنڌ پوليس, ڊي آء جي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشھرو فيروز کان مطالبو ڪيو آھي تہ منهنجي پٽ کي ايس ايڇ او نوشھرو فيروز حنيف مهر کان بازياب ڪرايو وڃي ۽ اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔