نوري آباد ويجهو هانءُ ڏاريندڙ حادثو، قمبر واسي 4 ڄڻا فوت، 3 زخمي

ڪوٽڙي/ڄامشورو:- نوري آباد ٿاڻي جي حد ۾ پوليس چوڪي نمبر 6 جي ويجھو ڪمانڊر سٽي وٽ قمبر شهر کان ڪراچي لاءِ ڪرائي  جي ڪار ۾ نڪتل گوپانگ فئملي سان ان وقت دردناڪ حادثو پيش آيو جڏھن سندن تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي غفلت سبب اڳيان ويندڙ ٽرالر جي پٺيان ٽڪرائجي وئي.حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 30 ورھين جي عورت سلما زال مقبول احمد گوپانگ، سندس ٻه نياڻيون 8 ورھين جي مقدس، 6 ورھين جي سونيا ۽ 12 ورھين جو پٽ راجا عمران  ٿڏي تي فوت ٿي ويا ،جڏھن ته مقبول گوپانگ سخت  زخمي ٿي پيو، سندس ٻئي ٽنگون ٽٽي چڪيون هيون جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو. بچي ويل مقبول گوپانگ جا ٻيا ٻارڙا علي بابا ۽ ريحان علي پڻ زخمي ٿي پيا جن کي پڻ پيءُ سان گڏ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته معمولي زخمي ٿيل ڪار ڊرائيور آصف علي کي پڇا ڳاڇا  لاءِ پوليس ٿاڻي ترسائي ڇڏيو، موقعي تي گڏ ٿيل ماڻھن موجب زخمين جي حالت انتھائي نازڪ ھئي فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي  لا۽ ڪوٽڙي اسپتال  نيا ويا جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.