نوري آباد ويجهو مسافر وين ڪلٽي، باهه لڳڻ سبب 13 ڄڻا اجل جو شڪار، 10 زخمي، قيامت صغريءَ جا منظر

نوري آباد  :- نوري آباد ويجهو مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ بعد باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 13 اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايم نائن موٽروي تي حيدرآباد کان ڪراچي کان ويندڙ وين  ڪلٽي ٿي پئي، جنهن بعد ان کي باهه وڪوڙي وئي. ڊي سي ڄامشوري طرفان حادثي سبب 13 مسافرن جي سڙي فوت ۽ 5 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڊي سي جو چوڻ آهي ته وين ۾ 18 ڄڻا سوار هئا، جن مان 5 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. حادثي بعد امدادي ٽيمن پهچي باهه تي ضابطو آڻي لاش ۽ زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. موٽروي پوليس موجب وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ باهه وڪوڙي وئي، ترت باهه تي ضابطو آڻي ڪجهه حياتين کي بچايو ويو. حادثي جو شڪار ٿيلن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي حيدر آباد جي علائقي قاسم آباد جا رهواسي آهن