نوري آباد روڊ حادثي جا وڌيڪ 2 ڄڻا فوت، حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 15 ٿي ويو

نوري آباد :- نوري آباد ڀرسان مسافر وئن سان پيش آيل خوفناڪ حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 15 ٿي ويو، فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل ڪيا ويا. ذريعن موجب حادثي ۾ مسافر وئن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ لاش مڪمل طور سڙي ويا، ڊي اين اي ٽيسٽ کانسواءِ سڃاڻپ ڪرڻ ممڪن ناهي. ڊي اين اَي ذريعي سڃاڻپ ٿيڻ بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا. گذريل رات حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر وئن کي حادثي بعد باهه لڳي وئي، 5 زخمي مسافرن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري، بچي ويل وئن ڊرائيور جو چوڻ آهي ته موٽروي تي وئن اڳيان ڪار سفر ڪري هئي، جنهن جو دروازو اوچتو ڪري پيو ۽ وئن دروازَي سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي، جنهن بعد وئن کي باهه وڪوڙي وئي. مسافر وئن کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ هڪ خاندان جا 5 ۽ ٻِئَي خاندان جا 3 ڀاتي شامل، حيدرآباد جَي لطيف آباد وارَي علائقي سان واسطو رکندڙ بدنصيب خاندان ڪراچي ۾ مائٽن سان ملڻ وڃي رهيو هو ته حادثي جو شڪار ٿي ويو، حادثي ۾ زخمي ٿيل گهر ڌڻي غلام صابر جو سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ علاج جاري، سندس گهرواري قمبر بانو، محمد ناصر ۽ نينگر حسن جو اڃا پتو نه پيو، لطيف آباد واسي غلام صابر جَي گهرڀاتين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن جلد ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي پيارن جا لاش ڏنا وڃن، انتظاميا ڊي اين اَي رپورٽ کانسواءِ لاش وارثن حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو