نوري آباد جي صنعتي ادارن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي ڪينجهر ڏانهن وڌڻ لڳو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

جهمپير:- نوري آباد جي صنعتي ادارن جو ڇوڙ ٿيندڙ زھريلو مادو پاڻي جي صورت ۾ ڪينجھر ڍنڍ ڏانھن وڌندڙ، ڪنھن به نوٽيس نه ورتو، ڪوھستاني علائقي ۾ تباھي ڦھلجڻ لڳي، متاثر ڳوٺاڻن جو احتجاج رپورٽ موجب نوري آباد جي صنعتي ادارن جي زهريلي مادي وارو پاڻي لوياڇ نئين ذريعي تيزي سان ڪينجهر ڏانهن وڌندڙ لڳو آھي، ڪيميائي مادي واري پاڻي جو رنگ ڪارو ۽ ذائقو زھريلو ٿي ويو آھي، جيڪو انساني جانين لاء انتھائي ھاڃيڪار بڻجي رھيو آھي،  انڊسٽريل ايريا نوري آباد جي ڪيترن ئي ڪارخانن مان بنا ٽريٽمينٽ جي خارج ٿيندڙ زهريلو مادو ڪوهستان سميت علائقي توڙي تاريخي ڍنڍ ڪينجهر لاءِ خطري جو سبب بڻيل ويو آھي،  نوري آباد جي صنعتي ادارن جو زهريلو مادو پاڻي جي وهڪري جي صورت ۾ ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي گوگڙو ۽ هاڙو مڪان وٽ پهچڻ کانپوء ڪينجهر ڏانهن وڌندڙ آھي، جڏنھن ته ڪوھستان جي آس پاس جي ڪوهستاني آبادي سخت متاثر ٿيڻ لڳي آھي  زهريلي مادي واري پاڻي سبب کُوهن جو پاڻي خراب ٿيڻ لڳو آھي، جنھن سبب  انساني زندگين توڙي چوپائي مال لاءِ خطرو وڌڻ لڳو آھي.  ماحولياتي کاتي سميت لاڳاپيل اختيارين اڃا تائين ڪوبه نوٽيس نه ورتو آھي. ان سلسلي ۾ مقامي متاثر ڳوٺاڻن نواز پالاري، قمر ڪوھستاني جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته عيسيٰ سيمنٽ فيڪٽري کان وٺي سموري نوري آباد جي فيڪٽرين جو زھريلو ڪيميڪل وارو پاڻي لوياڇ نئي وسيلي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جيڪو تيزي سان ڪينجھر ڍنڍ طرف وڌي رھيو آھي. ھنن چيو ته ھن زھريلي پاڻي وڏي تباھي آندي آھي، چوپائي مال جو چارو ختم ٿي وڃڻ سان گڏ کوھ ۽ جر جو پاڻي زھريلو ٿي ويو اھي، ھنن چيو تہ ھي زھريلو پاڻي ڪينجھر ڍنڍ طرف وڌڻ ڪري وڏي تباھي مچائيندو، جنھن سان ماھيگيرن جو روزگارختم ٿيڻ سان گڏ آبي جيوت سخت متاثر ٿيندي، جنھن جو نوٽيس اعلي اختيارين کي فورن وٺڻ گھرجي ايئن نه ٿئي ته ھي 50 ھزار ماھيگيرن جي روزگار جو واحد وسيلو ڪينجھر ڍنڍ منڇر ڍنڍ جيان تباھ ۽ برباد نه ٿي وڃي. ھنن چيو ته اسان ڪافي ڀيرا چونڊيل نمائندن سميت فيڪٽري انتظاميا کي چيو اھي پر ڪير به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناھي. ھنن گھر ڪئي ته زھريلي ڪيميڪل واري پاڻي کي روڪي علائقي کي ماحولياتي تباھي سميت ڪينجھر ڍنڍ کي نقصان کان بچايو وڃي. ٻئي طرف ڪوھستان بچايو ڪميٽي ۽ سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻن ڊاڪٽر لکمير پالاري، ڏاڏا آدم گندرو ۽ ٻين ان عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فورن نوري آباد جي صنعتي ادارن جو زھريلو پاڻي بند ڪرائي متاثر مقامي ڳوٺن ڳوٺ نواز پالاري، ڳوٺ حاجي پالاري، ڳوٺ دلمراد پالاري، ڳوٺ دريا خان جاکرو، ڳوٺ ڪرم خان پالاري، ڳوٺ جيئند پالاري سميت ڪينجھر ڍنڍ کي امڪاني نقصان ۽ ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ جي گھر ڪئي.