نورا فتيحي ڀارتي ڊانسر جي اعتراض جوڳي حرڪت تي خاموشي ختم ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) مراڪشي ڄائي ڪينيڊين ڊانسر نورا فتيحي ڀارتي ڊانسر وڪوريوگرافر ٽيرنس ليوس طرفان ريئلٽي شو جي دوران نامناسب حرڪت ڪرڻ تي خاموشي ٽوڙيندي واقعي جي وضاحت ڪري ڇڏي. ميڊيا رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو ۾ ٽيرنس ليوس جي شو دوران  نورا فتيحي جي جسم تي بظاهر غير ارادي طور تي نامناسب انداز ۾ هٿ ڦيريندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو وائرل ٿيڻ تي ڀارتي رهواسين تيرس ليوس تي نورا فتيحي جو جنسي استحصال ڪرڻ جو الزام لڳايو. ڀارتي ذريعن موجب نورا فتيحي پنهنجي ڪمنٽ ۾ ٽيرس لوس کي مخاطب ٿيندي لکيو ته مون کي خوشي آهي ته هو به سوشل ميڊيا تي بنجندڙ ميمز ۽ تنقيد تي پريشان ناهي ٿيو ۽ هن بهترين انداز ۾ منهنجو ساٿ ڏنو