نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌ سڀا پاران سانگهڙ ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم

سانگهڙ :- سماجي تنظيم سنڌ سڀا پاران سنڌ مان نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب سانگهڙ آڏو سنڌ سڀا جي چيئرمين انعام سنڌي ، عاشق اوڍاڻو ۽ سڪندر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ پنجن ڪلاڪن لاءِ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي. جتي ساڻس جسقم بشير خان جا اڳواڻ وزير ڪلهوڙو، محمد علي کوسو، سنڌي قومي پارٽي جو جنرل سيڪريٽري انور کوکر، شبير خاصخيلي، سنڌ وائيز جو آرگنائزر فقير ايس ڪي ڳاهو، پريس ڪلب سانگهڙ جو صدر حسن لانڊر، سنڌي ادبي سنگت شاخ سانگھڙ جو سيڪريٽري عاجز منگي، امجد عاجز منگي ۽ ٻيا سياسي ڪارڪن ۽ شهري احتجاجي ڪئمپ تي ويٺا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي انعام سنڌي چيو ته ڪيڏي نه انڌير نگري آهي جو ملڪ اندر آئين، قانون، عدالتون ۽ جهموري حڪومت موجود آهي پوءِ به سوين سنڌي نوجوان کنڀيا ويا آهن. جن مان هڪ سئو نوجوانن جي لسٽ ته اسان وٽ موجود آهي. اسان جي هن جاکوڙ جو مکيه مقصد انهن نوجوانن کي ظاهر ڪرائڻ، سنڌ کي هڪ آواز بڻائڻ ۽ سجاڳي پيدا ڪرائڻ آهي. هن چيو ته مون اڪيلي اها شروعات ڪراچي کان ڪئي هئي اڄ به سئو کان وڌيڪ سنڌ جا سڄاڻ نوجوان سنڌ سڀا جو حصو بڻجي هن جدوجهد ۾ مون سان گڏ آهن. هن چيو ته هن جدوجهد بعد کنڀجڻ جو سلسلو گهٽ ٿيو آهي ۽ يقينن اسان جي جدوجهد سگهاري ٿيڻ سان سمورا گم ٿيل سنڌي نوجوان آزادي ماڻيندا