نواز ڳاهوٽي جو موت ڳجهارت بڻيل:ٽن ڪلاڪن ۾ ڪورونا رپورٽ ڪيئن آئي؟

حيدرآباد:- سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳوڻي رهنما ۽ قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نواز ڳاهوٽي جي موت جو سبب اڃا ڳجهارت بڻيل آهي ۽ سول اسپتال حيدرآباد جي ڊاڪٽر ڳاهوٽي بابت پڌري ڪيل ڪورونا پازيٽو رپورٽ مشڪوڪ بڻجي وئي آهي. ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين اڳواڻن سوال ڪيو ته سنڌ حڪومت وٽ يا سول اسپتال حيدرآباد وٽ اها ڪهڙي مشين آهي، جنهن ڊاڪٽر نواز ڳاهوٽي جي ڪورونا ٽيسٽ ٽن ڪلاڪن اندر پازيٽيو قرار ڏئي ڇڏي. ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تحت مختلف اسپتالون هر قسم جي مريض کي ڪورونا جو مريض قرار ڏئي، مريض کي مرڻ جا سبب مهيا ڪري ، ڪورونا سبب مريضن جو اسڪور وڌائي پنهنجي عالمي فنڊنگ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ ڊاڪٽر نواز ڳاهوٽي جي صرف ٽن ڪلاڪن ۾ قرار ڏنل ڪورونا پازيٽيو رپورٽ ان جو مثال آهي.اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر نواز ڳاهوٽي کي بعد ۾ اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي منتقل ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر جو موت به دل جي دوري سبب ٿيو پر سنڌ حڪومت جي لاشن تي ڪمائي ڪرڻ واري سياست جي پاليسي تحت ڊاڪٽر ڳاهوٽي جو لاش سرد خاني ۾ لڪائي وارثن جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. ترقي پسند پارٽي ۽ ڊاڪٽر نواز ڳاهوٽي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ به ڪيترن ئي کي مريضن کي ڪورونا جو مريض ڄاڻايو ويو آهي ۽ ٻين بيمارين سبب مرندڙ ماڻهن کي به ڪورونا جو مريض قرار ڏنو ويو آهي.ايس ٽي پي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر نواز ڳاهوٽي جي ڪورونا واري حيدرآباد جي ٽيسٽ ٽن ڪلاڪن ۾ ڪيئن ظاهر ڪئي وئي، ان جا سبب ڄاڻايا وڃن،ساڳي طريقي سان اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي جون رپورٽون به ظاهر ڪيون وڃن.