نواز ليگ جِي درخواست تي پي ڊي ايم راولپنڊي ۾ جلسو ڪرڻ واري فيصلي تان هٿ کڻي وئي، 5 فيبروري تي جلسو مظفر آباد ۾ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي :=  نواز ليگ جِي درخواست تي پي ڊي ايم راولپنڊي ۾ جلسو ڪرڻ واري فيصلي تان هٿ کڻي وئي، 5 فيبروري تي جلسو پنڊي بدران مظفر آباد ۾ ڪرڻ جو فيصلو، بلاول ڀٽو زرداري جي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ واري تجويز بعد پي ڊي ايم جي قيادت ۾ رابطا تيز، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان فون تي ڳالهه ٻولهه بعد مولانا فضل الرحمان جو اڳوڻي صدر آصف زرداري سان فون تي رابطو، پي ڊي ايم جي ٽن وڏن طرفان حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ وارو آپشن موجود آهي، پر اُن تي عمل ٿيندي نظر نظر نٿو اچي، پ پ کي چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ واري تجويز تي ٻين جماعتن کي اعتماد ۾ وٺي، نواز شريف ۽ آصف زرداري سان مسلسل رابطا رهندا آهن، ٻئي اڳواڻ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ تي متفق آهن، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فصل الرحمان چيو آهي ته پي ڊي ايم جون حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ سان ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين، ڪير پي ڊي ايم سان ڳالهيون ڪرڻ گهري ٿو ته پهرين اسان جا مطالبا پورا ڪري، سينيٽ اليڪشن گڏيل طور وڙهڻ واري تجويز تي ڳالهيون جاري آهن، نواز شريف ۽ آصف زرداري جو طريقيڪار مختلف ٿي سگهي ٿو، پر مقصد ساڳيو ئي آهي