نواز شريف کي ڏيهه آڻڻ لاءِ ٽاسڪ پرڏيهي وزارت ۽ ايف آءِ اي حوالي، ڪنهن کي به اين آر او نه ملندو: وزيراعظم

اسلام آباد:- وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ نواز شريف جي ڏيهه واپسي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته نواز شريف کي وطن واپس آڻي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، احتساب جو عمل بنا فرق جاري رهندو، اپوزيشن کي احساس ٿي چڪو آهي ته اين آر او نه ملندو، اپوزيشن جماعتون پنهنجي ڪيسن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ادارن کي تڪراري بڻائي رهيون آهن، حڪومت اپوزيشن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندي. ذريعن موجب وزيراعظم اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ نواز شريف جي وطن واپسي لاءِ مختلف پهلوئن تي غور ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان پرڏيهي وزارت ۽ ايف آءِ اي کي ٽاسڪ ڏنو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي واپسي لاءِ برطانوي حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر خط لکي سگهجي ٿو. اجلاس دوران وزيراعظم اپوزيشن جي تحريڪ تي نظر رکڻ لاءِ سينيئر وزيرن تي ٻڌل ڪابينا ڪميٽي به جوڙي ڇڏي، جنهن ۾ اسد عمر، شفقت محمود، شيخ رشيد، شهزاد اڪبر، ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ فواد چوڌري شامل هوندا. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ اي سي سي جي 23 سيپٽمبر ۽ توانائي ڪميٽي جي 24 سيپٽمبر جي فيصلن جي منظوري به ڏني وئي. اجلاس ۾ ڪابينا افغان شهرين لاءِ نئين ويزا پاليسي، آمنه بي بي جي انيلسٽ فار بائيولاجيڪل ڊرگز طور مقرري، پاڪستان ميڊيڪل ايڪٽ 2020 تحت ڊاڪٽر ارشد نقي کي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جو صدر ۽ علي رضا کي ميمبر طور مقرر ڪرڻ، سيد حسين عابدي کي پاڪستان ڪائونسل آف سائنٽيفيڪ اينڊ انڊسٽريل ريسرچ اسلام آباد چيئرمين مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني