نواز شريف کي ٻاهر علاج لاءِ چئن هفتن جي اجازت: ضمانتي ڊرافٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن پاڻ لکيو

لاهور:- لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيندي حڪومت کي سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  گذريل ڏينهن درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ يا نه هجڻ تي لاهور هاءِ ڪورٽ دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ڏنو هو ته شهباز شريف طرفان جمع ڪرايل درخواست ٻڌڻي جوڳي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي هتي ئي ٿيندي. فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ عدالت نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ حڪومتي شرطن خلاف شهباز شريف جي درخواست کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو. جسٽس باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جتي نيب پراسيڪيوٽر، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ شهباز شريف جي وڪيل درخواست تي دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران شهباز شريف طرفان عدالتي حڪم تي تحريري ضمانت جمع ڪرائي وئي، جنهن جي جواب ۾ سرڪاري وڪيلن طرفان به اعتراض واريا ويا، جنهن کانپوءِ عدالت پاڻ ڊرافٽ تيار ڪري ٻنهي ڌرين کي ڏنو. ن ليگ عدالتي ڊرافٽ کي تسليم ڪيو، جڏهن ته سرڪاري وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته مسودي ۾ ڪا ضمانت طلب ناهي ڪئي وئي، تنهن ڪري اسان کي عدالتي ڊرافٽ تي خدشا آهن پر عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي علاج خاطر 4 هفتن لاءِ ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيندي حڪومت کي سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وقفي کانپوءِ عدالت طرفان تيار ڪيل ڊرافٽ وفاقي حڪومت ۽ شهباز شريف جي وڪيلن کي فراهم ڪيا ويا، شهباز شريف ۽ احسن اقبال به ڊرافٽ جو جائزو ورتو. عدالتي ڊرافٽ جي متن ۾ چيو ويو ته نواز شريف کي ٻاهرين ملڪ علاج لاءِ 4 هفتا وقت ڏنو ويو آهي پر جيڪڏهن سندس صحت بهتر نٿي ٿئي ته اهو مدو وڌائي سگهجي ٿو. متن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حڪومتي نمائندو سفارتخاني ذريعي نواز شريف سان رابطو ڪري سگهي ٿو. ٻڌڻي دوران ن ليگ صدر شهباز شريف، پرويز رشيد، امير مقام، ملڪ احمد خان ۽ عطا تارڙ به عدالت ۾ موجود هئا. ايڊيشنل اٽارني جنرل اشتياق احمد عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف جي صحت ڳڻتي جوڳي آهي، چاهيون ٿا هو ٻاهرين ملڪ علاج لاءِ وڃي، جيڪڏهن وفاقي حڪومت کي بانڊ جمع ڪرائڻ جو مسئلو آهي ته ن ليگ ان ئي رقم جي برابر بانڊ عدالت ۾ جمع ڪرائي، هي عدالت کي مطمئن ڪن. شهباز شريف جي وڪيل چيو ته عدالت سامهون سرنڊر ڪرڻ ۽ حڪم مڃڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن کانپوءِ عدالت 7 سوال ڌرين جي سامهون رکيا. جسٽس باقر نجفي پڇاڻو ڪيو ته بانڊن جي حوالي سان ڇا چوڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اصيل عدالت ۾ موجود آهي، مشوري لاءِ وقت ڏنو وڃي. عدالت چيو نواز شريف جو وڪيل ٻڌائي ته اڳوڻي وزيراعظم شيورٽي طور ڪجهه ڏيڻ چاهي ٿو يا نه، نواز شريف کان هدايتون وٺي عدالت کي آگاهه ڪري سگهجي ٿو. پوءِ عدالت شهباز شريف جي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي ۾ 20 منٽن جو وقفو ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي شروع ڪئي وئي ۽ مختصر ٻڌڻي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي وڪيلن کان تحريري ضمانت طلب ڪندي حڪم ڏنو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف واپس اچڻ بابت لکي ڏين. عدالت طرفان ضمانت طلب ڪرڻ تي شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز چيو ته ڊاڪٽرن جي سفارش تي نواز شريف کي ٻاهرين ملڪ موڪلڻو آهي، هو خاطري ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن به صحتمند ٿيو موٽي ايندو ۽ عدالتي ڪيسن کي منهن ڏيندو. سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي آهي، اسان رڳو هڪ تحريري بيان گهري رهيا آهيون جيڪو قانون اجازت ڏئي ٿو. ان موقعي تي عدالت شهباز شريف کان سوال ڪيو ته توهان جو ڇا ڪردار هوندو نواز شريف جي واپسيءَ لاءِ؟ توهان ڪهڙي قسم جو حلفي بيان ڏئي رهيا آهن، ان جو مسودو ڏيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته هي جيڪو حلفي بيان ڏيڻ چاهي رهيا آهن توهان ڏسي وٺو، اسان ٻنهي ڌرين جي رضامندي سان معاملو حل ڪرائڻ چاهيون ٿا، هي حلفي بيان 3 ڀيرا وزيراعظم ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير طرفان هوندو. عدالت امجد پرويز کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي ڊرافٽ ٺاهي ڏيو، اسان انهن لفظن کي ڏسي وٺنداسين. عدالت شهباز شريف جي وڪيلن کان ضمانت جو تحريري مسودو طلب ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو. عدالت طرفان طلب ڪرڻ جي ٿوري دير کانپوءِ امجد پرويز شهباز شريف پاران اقرارنامو جمع ڪرايو، جيڪو ٻن صفحن تي ٻڌل هو. هٿ سان لکيل ڊرافٽ جي متن ۾ چيو ويو ته نواز شريف پاڪستان جي ڊاڪٽرن جي سفارش تي ٻاهرين ملڪ وڃي رهيو آهي، ٻاهرين ملڪ جا ڊاڪٽر جيئن ئي اجازت ڏيندا ۽ نواز شريف صحتمند ٿيندو ته موٽي ايندو، هو واپس اچي عدالتي ڪيسن کي منهن ڏيندو.