نواز شريف سان ”نامعلوم“ شخص جي ڳجهي ملاقات: اهو شخص منهن لڪائي آيو ۽ ملاقات بعد ايون فيلڊ جي پوئين در کان واپس

لنڊن : اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان هڪ “نامعلوم” شخص جي ملاقات بعد ٿرٿلو، ملاقات تي سوال به اٿڻ لڳا. نجي ٽي وي چينل اي آر واءِ نيوز موجب نواز شريف علاج سبب لنڊن ۾ موجود آهي، ايوان فيلڊ اپارٽمينٽ ۾ هڪ شخص نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ان ملاقات کي انتهائي ڳجهو رکيو ويو، ملاقات بعد لاءِ آيل شخص کي شهباز شريف پنهنجي گاڏي ۾ ٻه ميل پري کان کڻي آيو هو، ملاقات 40 منٽ جاري رهي ۽ ان شخص کي اپارٽمينٽ جي پوئين دروازي کان واپس موڪليو ويو. ان شخص کي منهن لڪائي ايوان فيلڊ اپارٽمينٽ ۾ آندو ويو هو، اهڙن منظرن کي برطانوي صحافي رڪارڊ ڪري ورتو، سوالن تي ان شخص جواب به نه ڏنا، ذريعن موجب ملاقات بعد سوال اٿڻ لڳا آهن، ڇو ته نواز شريف سان پارٽي اڳواڻن کي به ايون فيلڊ اپارٽمينٽ ۾ ملاقات ناهي ڪرائي ويندي، جنهن ڪري ئي نواز شريف جي سالگرهه جو ڪيڪ به اپارٽمينٽ جي در تي ڪاٽيو ويو هو.