نواز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي لاءِ قانوني طريقو اختيار ڪيو ويندو

اسلام آباد: وزيراعظم آفيس موجب نواز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي لاءِ قانوني طريقو اختيار ڪيو ويندو، قانون واري وزير جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي سفارشون تيار ڪري وفاقي ڪابينا کي پيش ڪندي.وزيراعظم آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون موجب وزيراعظم ۽ گهرو وزير اي سي ايل مان ڪنهن جو نالو پاڻ ئي نٿا ڪڍي سگهن، وزيراعظم يا گهرو وزير جو اهڙو ڪو به فيصلو قانون جي خلاف ورزي هوندو.ذريعن موجب اي سي ايل ۾ نواز شريف جو نالو ڪڍڻ جي لاءِ قانوني طريقو اختيار ڪيو ويندو. قانون واري وزير جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي معاملي تي سفارشون تيار ڪندي، سفارشون وفاقي ڪابينا جي سامهون پيش ڪيون وينديون.وزيراعظم آفيس جي ذريعن موجب اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو قانون مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٺاهيو ويو هو.