نواز شريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد :- اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ نواز شريف موقف اختيار ڪيو آهي ته هو بيماري سبب پرڏيهه ۾ علاج هيٺ آهي ۽ عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، تنهن ڪري حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس تي سڀاڻي ٻڌڻي ٿي رهي آهي، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل 2 رُڪني بئنچ ٻڌڻي ڪندي.