نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي لنڊن وڃڻ جو امڪان

لاهور:- اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز جي لنڊن وڃڻ جو امڪان آهي، جنهن جي لاءِ اسحاق ڊار لنڊن ۾ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن.شريف خاندان ۽ (ن) ليگي ذريعن موجب نواز شريف جي علاج لاءِ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار لنڊن ۾ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. نواز شريف سان گڏ شهباز شريف به ويندو ۽ ٻاهرين ملڪ علاج جي لاءِ پنجاب حڪومت کي به آگاهه ڪيو ويندو.خانداني ذريعن موجب مريم نواز به نواز شريف سان گڏ ٻاهرين ملڪ روانو ٿيڻ جا امڪان آهن. مريم نواز جي پاسپورٽ جي واپسي جي لاءِ درخواست عدالت جي روبرو جمع ڪرائي ويندي. هو پنهنجي والد جي سار سنڀال جي لاءِ ٻاهرين ملڪ ۾ ئي قيام ڪندي.نواز شريف جي معالج ڊاڪٽر عدنان به ٻاهرين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جو مشورو ڏنو ۽ شريف خاندان کي بريفنگ ڏيندي چيو ته نواز شريف جي طبعيت متعلق رپورٽس ٺيڪ ناهي.نواز شريف جي والده شميم اختر به چيو ته ٻاهرين ملڪ علاج ڪرايو وڃي، جڏهن ته شهباز شريف چيو ته توهان جي صحت جي حوالي سان ڪافي فڪرمند آهيون، علاج ڪرائڻ تمام گهڻو ضروري آهي.ان متعلق مريم نواز چيو ته حڪومت اسان جي خلاف سڀ ڪجهه ڪري ورتو پر ڪجهه ثابت نه ٿيو. ڪرپشن ڪيسز ٺهندا رهيا پر ڪرپشن جو هڪ رپيو به ثابت نه ڪري سگهيو.