نوازشريف مودي سان ٿيندڙ ڳجهين ڳالهين ۾ سفارتي عملي کي شامل نه ڪيو: عبدالباسط

اسلام آباد:  اڳوڻي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط الزام لاڳو ڪيو آهي ته نوازشريف مودي سان ڳجهي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني سفارتي عملي کي شامل نه ڪيو.ڀارتي صحافي کي ڏنل انٽرويو ۾ عبدالباسط چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ دلي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.هن الزام هنيو ته دلي ۾ نوازشريف نريندر مودي سان گڏ ڳجهي ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني سفارتي عملي کي شامل نه ڪيو. عبدالباسط چيو ته نوازشريف جا سينئر صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ طارق فاطمي پنهنجي مرضي جا مالڪ هئا