نوازشريف جي علاج لاءِ پرڏيهه روانگي جون تياريون مڪمل، صبح لنڊن روانو ٿي ويندو

ڪراچي: اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف جي علاج لاءِ پرڏيهه روانگي جون تياريون مڪمل، صبح لنڊن روانو ٿي ويندو. ايئر ايمبولينس ذريعي نوازشريف سان گڏ شهباز شريف ۽ ڊاڪٽر عدنان به پرڏيهه ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته شريف خاندان پاران قطر کان ايئر ايمبولينس ڀاڙي تي گهرائي وئي آهي. جنهن لاءِ علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي انتظاميه به تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته قطر کان ايندڙ ايئر ايمبولينس نوازشريف کي سڌو لنڊن کڻي ويندي. واضح رهي ته گهرو وزارت لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪمنامي جي ڪاپي ملڻ بعد نوازشريف کي هڪ ڀيري لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزارت ميمورينڊم به جاري ڪيو آهي، جنهن موجب عبوري انتظام تحت نوازشريف کي هڪ دفعو پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ کيس علاج لاءِ 4 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڏني وئي آهي.