نوازشريف جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو: سروسز اسپتال کان شريف ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪرڻ جون تياريون

لاهور :  اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي سوسز اسپتال مان شريف ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪرڻ جون تياريون جاري آهن.رپورٽ موجب نوازشريف کي سروسز اسپتال مان شريف ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. شريف ميڊيڪل ڪامپليڪس جي ايمبولينس نوازشريف جي ڪمري وٽ بيهاري وئي آهي. اسپتال ذريعن موجب ڪجهه دير بعد امڪاني طور تي نوازشريف کي منتقل ڪيو ويندو. جڏهن ته ان جو سامان شفٽ ڪيو پيو وڃي ۽ ڊسچارج جي سمري به تياري جي مرحلي ۾ آهي.ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه ڊاڪٽر محمود اياز چيو آهي ته نوازشريف جي ٽن بيمارين پليٽليٽس، دل جو علاج ۽ رت جي شريانيون بلاڪ ٿيڻ جو علاج ڪري رهيا آهيون. نوازشريف جي محدود چهل قدمي ۽ ورزش سميت کائڻ پيئڻ جي حوالي سان به اجازت ڏني وئي آهي. ڊاڪٽر محمود اياز موجب علاج دوران دل جو اٽيڪ ٿيو هو. نوازشريف جو بلڊ پريشر ڪنٽرول ۾ آهي جڏهن ته شوگر ڪنٽرول  ڪري رهيا آهيون. ڪجهه ٽيسٽ جنيٽڪ آهن جيڪي هن وقت ڪرڻا آهن. ۽ اهي ٽيسٽ پرڏيهه ۾ ئي ٿيندا. رت جون شريانيون جيڪي بند آهن ان حوالي سان ٽيسٽ به لکيا ويا آهن پر جيستائين نوازشريف چاهيندو ان جو علاج سروسز اسپتال ۾ ٿيندو.واضح رهي ته گذريل ڏينهن اسپتال جي ذريعن موجب نواز شريف جي بيماري جي سڃاڻپ 14 ڏينهن گذرڻ جي باوجود به نه ٿي سگهي آهي جنهن کان پوءِ ميڊيڪل بورڊ نوازشريف کي پرڏيهه موڪلڻ جو مشورو ڏنو هو.