نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي لاءِ گهرو وزارت ۾ درخواست جمع

اسلام آباد: -اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي لاءِ گهرو وزارت ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي لاءِ گهرو وزارت ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي. درخواست بيماري ۽ ملڪ کان ٻاهر علاج ڪرائڻ جي بنياد تي ڏني وئي آهي. درخواست شهباز شريف جي طرفان جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف علاج جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ چاهي ٿو.ذريعن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف طرفان جمع ڪرايل درخواست گهرو سيڪريٽري کي ملي وئي آهي جنهن کان پوءِ گهرو وزارت جون اختياريون درخواست جو قانون طريقي سان جائزو وٺي رهيون آهن. ٻئي طرف نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي لاءِ نيب سان رابطو ڪيو آهي.ان حوالي سان نيب ۽ گهرو وزارت وچ ۾ طبي بنيادن تي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جي لاءِ ڳالهيون جاري آهن. واضح رهي ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي روشني ۾ گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ ان جي نياڻي مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو هو.