نوازشريف جارهجي ويا: نيب کيس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو: نوازشريف جي ڊينگي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي: 16هزار پليٽيليٽس ٿيڻ تي اسپتال منتقل : نيب ترجمان

لاهور : نواز ليگ پاران اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي طبيعت خراب: پليٽيليٽس 16 هزار رهجي وڃڻ بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ترجمان نيب جو چوڻ آهي ته نوازشريف جي ڊينگي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي. نوازشريف جي حالت خراب ٿي وڃڻ بعد نيب ٽيم کيس سروسز اسپتال لاهور منتقل ڪيو، جتي سندس مختلف ٽيسٽ ڪيا ويا، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته نوازشريف جي ڊينگي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي. نوازشريف جو چيل اپ ۽ سمورين ضروري رپورٽس جو جائزو وٺڻ بعد اڳتي جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته نوازشريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان ڪوٽ لکپت جيل ۾ ساڻس ملاقات بعد ٻڌايو ته نوازشريف جي پليٽيليٽس جو انگ 16 هزار رهجي ويو آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڊينگي يا تيز بخار ۾ پليٽيليٽس گهٽجي ويندا آهن. ان کان اڳ نوازشريف کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ خلاف ن ليگ جا ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، نيب آفيس لاهور آڏو ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو ويو، اسپتال منتقلي بعد ليگي ڪارڪن وڏي انگ سروسز اسپتال به پهتا ۽ نوازشريف جي حق ۾ نعرا هنيا. ان کان اڳ بيان جاري ڪندي نواز ليگ جي صدر ميان شهبازشريف چيو هو ته نوازشريف جي سرڪاري طبي رپورٽس ۾ سنگين خطرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، خطرناڪ نشانيون ظاهر ٿيڻ باوجود نوازشريف کي اسپتال منتقل نه پيو ڪيو وڃي. شهبازشريف جو چوڻ هو ته انتهائي نازڪ صورتحال باوجود نوازشريف کي اسپتال منتقل نه ڪرڻ بي حسي ۽ بدترين سياسي انتقام واري پاليسي آهي. شهبازشريف خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن نوازشريف کي ڪجهه به ٿيو ته عمران نيازي کي قاتل قرار ڏنو ويندو. هن چيو ته عوام جي حقن لاءِ وڙهندڙ قائد لاءِ هر خطري کي منهن ڏئي وينداسين