نوابشاهه ۾ پورهيت جا 5 ٻار ذهني معذور، ماءُ پيءُ ڪمائڻ لڳا، وڏي ڀيڻ پڙهائي ڇڏي ڏني

نوابشاهه:- اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي تڪ دولت ڪالوني جو رهواسي پورهيت غلام جعفر ڀٽي جا پنج ٻار ذهني معذوري جو شڪار، سندس ٻارڙن ۽ گهر جو گاڏو هلائڻ ڏکيو ٿي ويو، غريب، مفلسي ۽ پنج ٻارڙن جي معذوري پورهيت کي پريشان ڪري ڇڏيو، ٻن وقت جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان، ڪنهن به سرندي واري سندس معذور ٻارڙن جي علاج لاءِ ساهتا نه ڪئي، پورهيت جعفر ڀٽي ۽ سندس ٻارڙن جو آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ صحت کاتي کان ساهتا جي اپيل، خبر موجب  اڳوڻي صدر ۽ تازو نوابشاهه مان چونڊيل ايم اين اي آصف علي زرداري جي اباڻي شهر نوابشاهه جي علائقي دولت ڪالوني ۾ واقع پورهيت جعفر ڀٽي جي 8 ٻارن مان پنج معذوري جو شڪار جنهن ۾ 13 ورهين جو منصف، 5 ورهين جو راجا، 4 ورهين جو راحب، ٽن ورهين جو راحيل ۽ ٻن ورهين جو رضا محمد ڀٽي شامل آهن غُربت سبب ٻارڙن جو علاج ڪرائڻ کان قاصر آهن جن ۾ ٻن ورهين جي ٻار جا عيب نارمل سان گڏ اکين جو نور به ختم ٿي ويو آهي جڏهن ته هڪ نياڻي 15 ورهين جي مسڪان گهر ۾ ذهني معذور ٻار هجڻ جي ڪري پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي سنڀالڻ لاءِ پنهنجي تعليم ڇڏي ڏني آهي جڏهن ته غلام جعفر ڀٽي ڊکاڻڪو ڪم ڪندو آهي ۽ سندس گهر واري نجمان مڊ وائيف جو ڪورس پاس ڪيل آهي پر انهن کي بيروزگاري ۽ تنگ دستي جي ڪري اهي مسواڙ جي گهر ۾ رهن ٿا ۽ ٻارن جو صحيح نموني سان علاج نٿا ڪرائي سگهن ان سلسلي ۾ ذهني معذور ٻارن جي امڙ نجمان جو چوڻ آهي ته مون پنهنجي ٻارڙن جو جيڪي خطرناڪ بيمارين جا ٽُڪا هوندا آهن اهي هڻايا آهن منهنجي هر هڪ ٻار کي ڇهن مهينن جي عمر ۾ جهٽڪو لڳي ٿو انهي کانپوءِ هو ذهني معذور ٿي ويا آهن هن ٻڌايو ته منهنجو مڊ وائيف جو ڪورس ٿيل آهي پر نوڪري نه ملي آهي هڪ پرائيويٽ سينٽر تي ڊيوٽي ڪندي آهيان اُتان جيڪي ڏوڪڙ ملندا آهن اهي ۽ منهنجو مُڙس جيڪي مزدوري ڪندو آهي ان مان گهر جو ڪار وهنوار هلائيندا آهيون انهي موقعي تي دولت ڪالوني جي سماجي ورڪر م انيلا رفيق ملاح جو چوڻ آهي ته منهنجي پاڙي جا آهن آئون هنن کي هر عيد تي ڪپڙا به وٺي ڏيندي آهيان ۽ پنهنجي وصيحت آهر هنن جي مدد ڪندي آهيان پر هنن ٻارڙن جو بهتر علاج ٿيندو ته هي ٻار صحتياب ٿيندا ۽ پنهنجي زندگي صحيح نموني سان گذاريندا هن صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو کي اپيل ڪئي ته سندس شهر نوابشاهه جا ٻارڙا آهن هنن جو علاج ڪرايو وڃي ته جيئن هي صحتياب ٿي سگهن..