نوابشاهه ۾ ٻن ٻارڙن کي ڳلا ڪپي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ وارو ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ويو

نوابشاهه :- خميس جي رات بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڪڻڪ جي گدامن وٽ بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل ٿيل ٻن معصوم ٻارڙن گيلو ۽ چندا جو ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي ۽ پوليس جي شروعاتي جاچ غلط ثابت ٿي، شاهپورچاڪر مان لاش وصول ڪرڻ لاءِ آيل مقتول گيلو ۽ چندا جي وڏي ڀاءُ رميش ميڊيا آڏو انڪشاف ڪيو آهي ته ويرو جنڊاڙو سان اسان جو ڪوبه واسطو ناهي ۽ نه ئي هو اسان جو ڏاڏو آهي ۽ هو اسان جي پري جو ڄاڻ سڃاڻ وارو آهي، هن چيو ته منهنجي امڙ منهنجي ڀيڻ ۽ ڀاءُ سان گڏ هالا قبرستان تي وڃڻ لاءِ نڪتي هئي ۽ منهنجي ڀاءُ ڀيڻ کي ويرو جنڊاڙي قتل ڪري منهنجي ماءُ کي زخمي ڪيو آهي ۽ منهنجي ماءُ جو ڪوبه قصور ناهي، هن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته رميش جي عمر 18 سال کان گهٽ هجڻ ڪري گيلو ۽ چندا جا لاش سندن چاچي کيمو حوالي ڪيا ويا آهن، هوڏانهن رميش جي انڪشاف بعد پوليس جي جاچ تي سواليه نشان ظاهر ٿي ويا آهن ته پوليس تڪڙ ۾ ويرو جنڊاڙو کي مقتول ٻارڙن جو ڏاڏو ڪيئن ظاهر ڪيو ۽ ڪيس ۾ پڻ هُن کي مقتول ٻارڙن جو ڏاڏو ۽ زخمي عورت جو سهرو ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ غفلت ۽ ڪوتاهي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. ٻئي طرف گذريل رات مبينه طور تي ڳلو ڪپي قتل ڪيل 12 ورهين جي گيلو ۽ 3 ورهين جي چندا جو قتل ڪيس بي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي جوابدار مقتول ٻارڙن جي ماءُ لاڏوڻي ۽ ويرو خلاف جنڊاڙو خلاف داخل ڪيو ويو، جتي فرياد ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان گشت دوران وياسين ته گدامن ڀرسان ٻئي جوابدار ٻارڙن کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪري رهيا هئا ۽ اسان جي هڪلن تي جوابدار ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان کين پڪڙي ورتو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري زخمي عورت لاڏوڻي کي علاج لاءِ پي ايم يو اسپتال ۾ داخل ڪيو آهي.