نوابشاهه ۾ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاج

نوابشاھه:-  جسقم ضلعي نوابشاهه پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، سرفراز ميمڻ، منير ابڙو، ناصر شاهه، هدايت الله تنيو، فقير امتياز لاکو. راشد چانڊيو، عرفان ابڙو، فرمان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته جسقم جي مرڪزي پريس سيڪريٽري ديدار شام، فتاح چنو، مسعود شاهه، افضل سيال ۽ ٻين قومي ڪارڪنن کي بيگناهه کنڀڻ واري ڪڌي عمل جي مذمت ڪريون ٿا، اڳواڻن چيو ته سنڌ سان عشق ڪرڻ ۽ سنڌ جي حفاظت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قومي تحريڪ جي مٿان آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ اهڙي غير اخلاقي، غير سياسي، غير جمهوري ۽ غير قانوني عمل جو دنيا جي مهذب ملڪن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، هنن چيو ته جسقم پرامن قومي سياسي نمائنده جماعت آهي حڪمران اسانجي پرامن سياسي جدوجهد کان ڇرڪيل ۽ خوفزده آهن، هنن چيو ته طاقت جي زور تي ڪنهن کان سياسي جدوجهد جو حق کسي نٿو سگهجي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته قومي اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن کي جلد بازياب ڪيو وڃي.