نوابشاهه ويجهو اغوا ڄاڻايل سُئِي گئس جي آفيسر 40 روهين جي محمود ڀٽي جو لاش هٿ

نوابشاهه : نوابشاهه ويجهو اغوا ڄاڻايل سُئِي گئس جي آفيسر 40 روهين جي محمود ڀٽي جو لاش هٿ آيو آهي. جنهن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو ويو. مقتول جي وارثن الزام مڙهيو آهي ته وياج خورن ڪجهه ڪلاڪ اڳ محمود ڀٽي کي آفيس مان اغوا ڪيو ۽ پوءِ کيس تشدد بعد قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ وارثن جَي بيان تحت ڪارروائي اڳتي وڌائي ويندي.