نه ڇيڙ مولانا نون: 2014 واري ڌرڻي کي سپورٽ ڪرڻ وارن کي اسان جي مارچ تي اعتراض ڇو ؟ : مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد : جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته احتساب جي نالي تي انتقام جو ڊرامو هاڻ وڌيڪ نه هلندو .آزادي مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته اڄ آزادي مارچ جي ڊي چوڪ وڃڻ تي اعتراض ڪيو پيو وڃي. 2014ع ۾ ڊي چوڪ تي 126 ڏينهن جي ڌرڻي تي اعتراض ڇو نه ڪيو ويو؟ 126 ڏينهن ڌرڻي جي تصوير دنيا جي لاءِ دلڪش هئي پر ان جي بدبوءِ اڄ به محسوس ڪئي وڃي ٿي، جڏهن آزادي مارچ عوام جي مايوسي کي اميد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. مارچ سان اسرائيل ۽ ان جي ساٿي پريشان آهن.جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته اسان ڌانڌلي جي چونڊن کي نٿا مڃون، اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب 95 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنز تي بغير صحيح جي نتيجا ڏنا ويا، جڏهن اليڪشن ڪميشن پاڻ چئي رهيو هي ته اسان کان نتيجا زبردستي ڇو پيا مڃرايا وڃن، ٻين کي چور چوڻ ۽ ميڊيا تي اچي خوار ڪرڻ آسان هوندو آهي پر حقيقتون لڪائي نٿيون سگهجن. اسان لاڪ ڊائون ناهي ڪيو، حڪومت ڪنٽينر رکي پاڻ لاڪ ڊائون ڪيو آهي. اسان ماڻهو خطرناڪ ناهيون بلڪه خطري وارو رستو روڪڻ وارا آهيون، اسان کي اشتعال نه ڏياريو، جيڪڏهن اشتعال ڏياريندو ته شڪست ڏئي ڇڏينداسين.مولانا فضل الرحمان چيو ته جڏهن توهان اپوزيشن ۾ هئا ته اڪيلا هئا ۽ اڄ حڪومت ۾ به ڪير گڏ ناهي. اڄ اسان داخلي محاذ تي غير مستحڪم ۽ خارجه محاذ تي به اڪيلائپ جو شڪار آهيون.افغانستان، ايران سميت خطي جا ملڪ توهان کان ناراض آهن، موجوده حڪومت سي پيڪ جي ڪيل سرمائيڪاري کي به غارت ڪيو، چين به توهان تي اعتماد ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ پاڪستان  ۾ وڌيڪ سرمائيڪاري نٿو ڪرڻ چاهي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب اڄ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، اڄ به بجلي 2 رپيا مهانگي ڪئي وئي، گئس ۽ پيٽرول جون قيمتون به آسمان تي پهچي چڪيون آهن، هر ڏينهن جي بنياد تي قرضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، بلوچستان وسيلن کان مالامال آهي پر هتي جي ماڻهن کي انهن تي اختيار ناهي. ٿر ۾ ڪوئلي جا وسيع ذخيرا موجود آهن پر ٿري بُک وگهي مري رهيا آهن، زراعت جو دارومدار پنجاب جي سرزمين آهي پر اڄ درياهن تي ڀارت قبضو ڪري رکيو آهي.جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت ڪشمير کي وڪيو ۽ ڳوڙها به وهائي رهي آهي، اڄ پاڪستان ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڪيستائين حقيقتون لڪائيندو، جنهن شئي کي توهان احتساب چئو ٿا ان کان هر شخص خوف محسوس ڪري رهيو آهي. نيب احتساب جي ڪري ڪو به بيوروڪريٽ فائيلن تي صحيح ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي پر انتقام جي نالي تي احتساب جو ڊرامو هاڻ وڌيڪ نه هلندو.