ننگرپارڪر ويجھو باهه، پورهيتن جا 8 چونئرا سڙي رک، عورت زخمي

ننگرپارڪر :- ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ راٺي ۾ باھ لڳڻ جي واقعي ۾ سمان برادري جي محمد يوسف سمون، عاقل سمون ۽ اسحاق سمون جي 3 گھرن جي 8 ڪکائن چوئنرا سڙي رک ٿي ويا. واقعي ۾ پيرسن عورت مرادان زخمي ۽ 6 ٻڪرين سميت چوئنرن ۾ پيل ھزارين رپيا روڪ رقم، سونا زيور، اناج ۽ ٻيو گھريلو سامان به باھ جي نظر ٿي ويو، ڳوٺاڻن جي اطلاع باوجود فائر برگيڊ نه پھتي، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، باھ متاثر کلئي آسمان ھيٺان ويٺل آهن، جن مالي سائتا جي اپيل ڪئي آهي