ننڍي کنڊ جي ڪوئل لتا ساهه ۾ تڪليف سبب اسپتال داخل

نئين دهلي  :- سُرن جي راڻي لتا منگيشڪر کي طبعيت ۾ خرابي سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کيس انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ رکيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 90 ورهين جي لتا منگيشڪر کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف سبب اسپتال نيو ويو، جتي سندس طبعيت ۾ سڌارو ناهي اچي سگهيو. ڊاڪٽرن لتا منگيشڪر کي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل ڪيو آهي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. لتا منگيشڪر جي ڀيڻ ڳائڻي آشا ڀوسلي به اسپتال ۾ پنهنجي ڀيڻ جي عيادت ڪئي ۽ مداحن کي دعائن جي درخواست ڪئي آهي.