ننڍي کنڊ جي ڏاهي مولانا ابوالڪلام آزاد کي 62 هين ورسي تي شاندار ڀيٽا

حيدرآباد :- برصغير جي هڪ وڏي سياسي شخصيت ۽ ڏاهي مولانا ابوالڪلام آزاد جي 62 هين ورسي جي موقعي تي سنڌ ساگر پارٽي پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ مولانا آزاد کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ويو ته مولانا آزاد وسيع سوچ رکندڙ ۽ مستقبل ۾ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جي ڄاڻ رکندڙ سياسي اڳواڻ هو، هو مذهب جي بنياد تي ملڪ ٺاهڻ ۽ جماعتون هلائڻ جو مخالف هو ۽ قومن جي آزادي ۾ يقين رکندڙ هو. ان موقعي تي سنڌ ساگر پارٽي جي سربراهه مولانا عزيزالله ٻوهيو خطاب ڪندي چيو ته ورهاڱي کانپوءِ گانڌي، نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبيدالله سنڌي ان ڳالهه تي متفق هئا ته انگريز سامراج برصغير مان وڃڻ بعد ٻيهر موٽي اچي سگهي ٿو، ان ڪري جڏهن ته مولانا آزاد تعليم ۽ ثقافت جو وزير ٿيو ته هن هن نصاب ۾ انگريز سامراج خلاف مستقل نفرت جا مضمون شامل ڪرايا ته جيئن انگريز سامراج خلاف هلندڙ آجپي واري جنگ جاري رهي سگهي. بلوچ اڳواڻ عبدالحئي بلوچ چيو ته مولانا آزاد ورهاڱي کانپوءِ جيڪي به اڳڪٿيون ڪيون هيون اهي پوريون ٿي رهيون آهن، هن وقت اسلام آباد ۽ جاگيردار عوام کي اقتدار کان پري رکيو اچن. هن چيو ته عوام کي وڏين جماعتن مان ڪو به آسرو نه ڪرڻ گهرجي، اهي سڀ موقعي پرست آهن، ان ڪري عوام دوست، قومپرست، وطن دوست ۽ انسان دوست ماڻهن کي گڏجي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته سي پيڪ مان اسان کي ڪو به فائدو ناهي، هي اسان جي لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني بڻجندي، ظلم ۽ ڏاڍ جو جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال ٿي سگهي ٿو ته بلوچستان جي امير ترين علائقن جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ غريب ۽ ننڌڻڪا آهن. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو ته 20 هين صدي برصغير ۾ تمام وڏا ماڻهو پيدا ڪيا، انهن ۾ مولانا آزاد به هڪ هو.