ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 277 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي وئي

نيو سعيدآباد ( رپورٽ عبدالواحد عمراڻي ) ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ ۽ شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 277 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي وزير اوقاف سنڌ سهيل انور سيال مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي، ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري اوقاف اختر حسين بگٽي، ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو، ايس ايس پي آصف احمد ٻگهيو، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف محمد شريف شيخ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪلچر وسيم گل شيخ ۽ ٻيا موجود هئا. واضح رهي ته ڪورونا سبب هن سال سنڌ حڪومت پاران ميلي جون سموريون تقريبون معطل ڪيون ويون آهن، ثقافت کاتي جي انتظام هيٺ صرف لطيف ايوارڊ تقريب ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾ 4 آڪٽوبر آچر جي ڏينھن ٿيندي
بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي صوبائي وزير اوقاف سهيل انور سيال چيو ته ڪورونا سبب عرس مبارڪ جون تقريبون ملتوي ڪيون ويون آهن، ۽ ميلي جي بالڪل اجازت نه ڏني ويئي آهي، صرف ايس او پيز تحت پانڌيئڙا درگاهه تي حاضري ڏيئي سگهن ٿا، ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن کي درگاهه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هڪ سوال تي صوبائي وزير چيو ته درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح تي چراغان نه ڪرڻ جي انڪوائري ڪرائي ويندي ۽ غفلت ثابت ٿيڻ تي مينيجر کي معطل ڪيو ويندو. هڪ سوال تي ته نيب پاران پيپلز پارٽي جي اڳواڻن بالخصوص پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مخدوم جميل الزمان جي ڀاءُ جي گرفتاري ۽ ٻين ڪارروائين بابت صوبائي وزير جو چوڻ هو ته اهو عمل قابل مذمت آهي، هر شخص جو پنهنجو تقدس ۽ عزت هوندي آهي، ڪورٽ مان ڏوهه ثابت ٿيڻ کان اڳ هر شخص معصوم تصور ڪيو ويندو آهي جيڪڏهن ڪو قصور وار آهي ۽ ان کي گرفتار ڪرڻو آهي ته پوءِ گهربل قانوني گهرجن تي عمل ڪيو وڃي. ڀٽ شاهه ۾ ترقياتي ڪمن بابت سوال تي هن چيو ته درگاهه جو ڪم ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به بهتري جي گنجائش آهي، درگاهه جي صفائي لاءِ مشينون آنديون ويون آهن، لطيف جي پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ انتظامن کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته ڪورونا اڳيان ترقي يافته ملڪن به گوڏا کوڙي ڇڏيا آهن، سڀ کان پهرئين عوام جي جان پياري آهي ان لاءِ ميلي جون تقريبون ملتوي ڪيون آهن.هڪ سوال تي صوبائي وزير چيو ته اوقاف کاتي ۾ فوتي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ملازمن جي پگهارن جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو.