نمرتا ڪيس پوليس لاءِ سواليا نشان بڻجي ويو، اڳڀرائي نه ٿي سگهي

لاڙڪاڻو :- لاڙڪاڻي جي بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي آخري سال جي شاگردياڻي گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ماٿيلو جي رهواسڻ نمرتا چنداڻي جي واقعي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي، نمرتا جي ڪيس ۾ حراست ۾ ورتل شاگرد مهراڻ ابڙو جي ڏنل شادي واري بيان کان وڌيڪ پوليس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي ته نمرتا خودڪشي ڪئي آهي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي جنهن ڪري نمرتا ڪيس سواليه نشان بڻيل آهي. ٻئي طرف نمرتا جو ڪيس وارثن پاران هن وقت تائين داخل نه ڪرايو ويو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي مسعود احمد بنگش نمرتا جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڪالهه وارثن ڏانهن هڪ ليٽر اماڻي گذارش ڪئي آهي ته مون کي نمرتا جي واقعي تي سخت افسوس ٿيو آهي ان واقعي جي توهان اچي لاڙڪاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرايو، ايس ايس پي جو اهڙو اماڻيل ليٽر نمرتا جي والد جئي پال کي ملي ويو آهي جنهن ليٽر رسيو ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش اماڻيل ليٽر جي حوالي سان چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي اسان نمرتا جي وارثن سان مسلسل ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ رابطي ۾ آهيون پر هو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ دلچسپي نه پيا وٺن جنهن ڪري ٻيهر آفيشنل طور تي کين ليٽر لکي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو آهي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته نمرتا معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، پوليس جي جاچ جاري آهي وارثن سان انصاف ٿيندو. هوڏانهن نمرتا جي هاسٽل جي ڪمري ۾ ٿيل دردناڪ واقعي سڄي سنڌ کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي، لاڙڪاڻو سميت سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهن جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پڻ نمرتا جي واقعي تي ڀرپور آواز اٿاريو آهي ۽ مطالبو ڪيو ويو آهي ته نمرتا واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن هن وقت تائين نمرتا جي پوسٽ مارٽم دوران ورتل جزن واري روهڙي ۽ چانڊڪا ڪاليج جي پيٿالاجي ليباريٽري مان رپورٽس نه اچي سگهيون آهن ۽ اسلام آباد ڏانهن نمرتا جا ان لاڪ لاءِ اماڻيل ليپ ٽاپ توڙي موبائيل سيٽ جي فارنزڪ رپورٽ نه اچي سگهي آهي.