نمرتا ڪماري کي لڄالٽ ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪرڻ جو انڪشاف پوسٽ مارٽم رپورٽ

لاڙڪاڻو :-  لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل مان مئل حالت ۾ هٿ آيل نمرتا ڪماري کي لڄالٽ کانپوءِ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته نمرتا ڪماري کي اڳ ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، پوءِ ڳلو دٻائي کيس قتل ڪيو ويو.ليڊي ايم ايل او ڊاڪٽر امريتا اربع ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته نمرتا جو موت ساهه مُنجهڻ جي سبب ٿيو، سندس ڳلي تي گُهٽن جا نشان آهن، هن پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگھي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊي اين اي ٽيسٽ مان ثابت ٿيو آهي ته مرداڻا جُزا مقتولا جي ڪپڙن ۽ نازڪ عضوي مان ظاهر ٿيا آهن، جنهن سان زبردستي لڄالٽ جون شاهديون مليون آهن.واضح رهي ته نمرتا ڪماري بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي آخري سال جي شاگردياڻي هئي ۽ 16هين سيپٽمبر تي سندس مڙهه هاسٽل مان هٿ آيو هو