نمرتا چنداڻي ڪيس، وي سي انيلا ۽ پروفيسر شاهد مگسي جي سيشن جج سان چيمبر ۾ ملاقات

لاڙڪاڻو:- لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل نمبر ٿري جي هڪ ڪمري مان گذريل سال 16 سيپٽمبر تي گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ماٿيلو واسڻ بيبي آصفه ڀٽو ڊينٽل ڪاليج جي آخري سال جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جو پراسرار نموني لاش هٿ آيو هو. ان سلسلي ۾ ڪالهه نمرتا چنداڻي واري معاملي جي جوڊيشل انڪوائري ڪندڙ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو اقبال حسين ميتلو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلاعطاءُ الرحمان ۽ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر شاهده مگسي کي طلب ڪري پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. جنهن اهم ملاقات جي باري ۾ ڪابه باضابطا طور پڌرائي جاري نه ڪئي وئي ۽ نه ئي معلوم ٿي سگهيو ته ملاقات ۾ ڇا طئي ڪيو ويو آهي؟ ان حوالي سان رحمت پور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ميران خان دراني رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نمرتا چنداڻي واري واقعي بابت اسان جي ٿاڻي تي اڃان ڪيس ڪا به رپورٽ داخل ناهي ڪئي وئي جيڪڏهن اهڙو حڪم اختيارين کان مليو ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪئي ويندي.