نمرتا واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ ٽي او آرز طئي ٿي ويا

نمرتا واقعي جي عدالتي جاچ لاءِ ٽي او آرز طئي ٿي ويا. سنڌ جي گهرو کاتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻي کي ليٽر لکي ٽي او آرز اماڻي ڇڏيا، ٽي او آرز ۾ چيو ويو آهي ته نمرتا جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪيا وڃن، جيڪڏھن واقعو آپگهات آهي ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا آھن ۽ ھن ڪيئن آپگهات ڪيو. ٽي او آرز موجب جيڪڏھن نمرتا آپگهات ناهي ڪيو ته ذميوارن جو پتو لڳايو وڃي ته واقعي ۾ ڪو اڪيلو شخص يا وري گروهه ملوث آهي. ٽي او آرز ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن جي نشاندهي سان گڏ سفارشون به ڏنيون وڃن ته واقعي ۾ اڳتي ڪهڙا قانوني قدم کنيا وڃن. نمرتا واقعي جي جوڊيشل انڪوائري سومر کان باضابطه طور شروع ڪئي ويندي.