نمرتا واقعو: جوڊيشل انڪوائري آخري مرحلي ۾ داخل، لاش هٿ اچڻ واري ڪمري جو معائنو

لاڙڪاڻو:-  نمرتا جڊيشل انڪوائريءَ جي سلسلي ۾ انڪوائري آفيسر سيشن جج ايس ايس پي سان گڏجي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ پهچي نمرتا جو لاش هٿ اچڻ واري ڪمري جو معائنو ڪيو، ايس ايس پي طرفان کيس بريفنگ ڏني وئي، ذريعن موجب نمرتا جي جڊيشل انڪوائري رپورٽ تيار ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي. ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل نمبر ٿري جي ڪمري مان 16 سيپٽمبر تي گهوٽڪي ضلعي جي ميرپور ماٿيلو واسڻ بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي آخري سال جي شاگردياڻي نمرتا جو لاش اچڻ واري معاملي بابت ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج لاڙڪاڻو اقبال حسين ميتلو جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل انڪوائري ڪالهه به جاري رهي. جڊيشل انڪوائري جي سربراهه ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج لاڙڪاڻو اقبال حسين ميتلو ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش سان گڏجي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل نمبر ٿري پهچي نمرتا جو لاش هٿ اچڻ واري ڪمري ۾ موجود پکي، در، درين، بيڊ ۽ ٻين شين جو معائنو ڪيو، جتي ايس ايس پي طرفان سيشن جج کي بريفنگ پڻ ڏني وئي. ان کان اڳ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش سيشن جج سان سندس چئمبر ۾ ملاقات پڻ ڪئي. ٻئي پاسي نمرتا واري واقعي کان بعد ڄاڻايل ڪمري کي پوليس طرفان سيل ڪيو ويو هو. هوڏانهن نمرتا معاملي جي جڊيشل انڪوائريءَ آڏو هن وقت شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر، رجسٽرار، بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي پرنسپال، اسسٽنٽ پروفيسر، چانڊڪا هاسٽل جو پرووسٽ، سندس گهر واري، چوڪيدار، ڊرائيور، ٻن شاگردياڻين مهراڻ ابڙو، علي شان ميمڻ، آيا سميت 41 ڄڻن پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي چڪا آهن. ذريعن موجب انڪوائري آفيسر سيشن جج طرفان نمرتا جو لاش اچڻ واري ڪمري جي معائني کان بعد جڊيشل انڪوائري جي رپورٽ تيار ڪئي ويندي جيڪا مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي.