.نمرتا معاملي جي جوڊيشل انڪوائري سيشن جج اقبال حسين ميتلو جي سربراهيءَ ۾ ٿي گذري، مهراڻ ابڙو ۽ علي شان ميمڻ پيش. ٻنهي شاگردن سيشن جج وٽ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي فائنل ائير جي شاگردياڻي نمرتا معاملي جي جوڊيشل انڪوائري سيشن جج اقبال حسين ميتلو جي سربراهيءَ ۾ ڪالهه جاري رهي، جتي شاگردياڻي نمرتا جي ڪلاس فيلو مهراڻ ابڙو ۽ علي شان ميمڻ کي ايس پي مسعود احمد بنگش سخت پوليس پهري هيٺ پيش ڪيو. جتي ٻنهي شاگردن سيشن جج وٽ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن. ان کان علاوه هاسٽل جي هڪ آيا عطيه ڀٽي پڻ پيش ٿي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي مسعود احمد بنگش چيو ته نمرتا معاملي جي جڊيشل انڪوائري ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج اقبال حسين ميتلو پاڻ ڪري رهيو آهي جنهن جي چيمبر ۾ اڄ شاگردن مهراڻ ابڙو ۽ علي شان ميمڻ پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا آهن. هن چيو ته سيشن جج چيو آهي ته نمرتا ڪيس بابت جڊيشل انڪوائري 10 کان 15 ڏينهن اندر مڪمل ٿي ويندي ۽ ايندڙ هفتي شاگردن جي والدين کي به سيشن جج گهرايو آهي. هن چيو ته نمرتا معاملي بابت ڪجهه رپورٽون اڃان رهيل آهن جنهن جي اچڻ شرط سيشن جج وٽ پيش ڪيا وينديون.