ناڻي جو وفاقي صلاحڪار اين ايف سي ڪميشن جو سربراهه نه ٿو ٿي سگهي: مراد شاهه

ڪراچي :- سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 10 هين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ جوڙيل ڪميشن کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي اعتراض واري ڇڏيا، وڏي وزير وزيراعظم کي خط لکي چيو آهي ته ناڻي وارو صلاحڪار ڪميشن جو ميمبر يا سربراهه نه ٿو ٿي سگهي، صوبن جَي ميمبرن جي مقرري به غلط ڪئي وئي آهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم خان کي لکيل خط ۾ چيو ته آئين تحت اين ايف سي ايوارڊ ڪميشن جوڙڻ صدر جو حق آهي ۽ صدر ڪميشن جَي ميمبرن بابت گورنرز ۽ وڏن وزيرن سان مشاورت بعد صوبن جا ميمبر مقرر ڪرڻ جِي منظوري ڏيندو آهي.خط ۾ وڏي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ لاءِ جوڙيل ڪميشن ۾ صوبن جَي ميمبرن جي مقرري غلط ڪئي وئي آهي، قانونن تحت ناڻي وارو صلاحڪار ڪميشن جِي سربراهي نه ٿو ڪري سگهي، نه ئي ڪميشن جو ميمبر بڻجي سگهي ٿو. وڏي وزير چيو ته ڪميشن جِي سربراهي رڳو ناڻي وارَي وزير جو استحقاق آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه 12 مئي تي جوڙيل اين ايف سي ايوارڊ ڪميشن کي آئين خلاف قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت رياستي حڪومتن جا مالياتي معاملا وفاق برداشت ڪندو، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جَي فنڊز ۾ واڌ ڪئي وڃي.