نامياري اديب تاج جوئي پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي نامياري اديب تاج سنڌي ادب ۾ خدمتن عيوض جوئي پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ وٺن کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ تاج جوئي جو چوڻ هو ته مون کي معلوم ٿيو آهي تہ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ۽ ٻين ادارن ۾ ويٺل ڪجھه سڄڻن جي سفارش تي منهنجو نالو ”پرائیڊ آف پرفارمنس“ لاءِ صدر پاڪستان منتخب ڪيو آهي. آئون انھن سڄڻن جي نيڪ نيتيء جو قدر ڪندي پڌرو ٿو ڪريان تہ جڏهن مَادرِ وطن سنڌ مرڪز جي ڪالوني هجي،جڏھن سنڌ جي سڀني پيداواري وسيلن تي وفاق قابض هجي ،جڏھن سنڌو درياھ جي پاڻيءَ تان سنڌ جو حق کسي غير قانوني طور ڊيم ٺاھيا وڃن ،جڏهن سنڌي ٻوليء کي قومي ٻوليء جو درجو نہ ڏنو وڃي ، جڏهن سنڌ ۾ ڌارين جي آباد ڪاري رٿابنديء سان وڌائي پئي وڃي ، جڏهن سنڌ ۾ مذھبي انتھا پسنديء کي سرڪاري سرپرستي حاصل ھجي ۽ سنڌ جي سيڪيولر روايتن جي لتاڙ ٿيندي ھجي جڏھن اظھار جي آزاديء تي پابنديون مڙھيل ھجن جڏھن سنڌ جا سوين شيخ اياز جي خوابن جهڙا ڳڀرو نوجوان ـ عااقب چانڊيو ، محفوظ نوتڪاڻي ، انصاف دايو ، شاهد جوڻيجو ، گلشير ٽڳڙ ، بلاول چانڊيو,حفيظ پيرزادو,سھيل رضا ڀٽي,سارنگ جويو,صابر چانڊيو وغيره ۽ سياسي,سماجي/ قومي ڪارڪن ايوب ڪانڌڙو ، مرتضي جوڻيجو ، مرتضي سولنگي ، شفقت ملڪ ، پٺاڻ زهراڻي ، نسيم بلوچ,شادي خان سومرو,ڊاڪٽر فتح محمد کوسو ۽ ٻيا عقوبت خانن ۾ بي پناه تشدد برداشت ڪري رهيا هجن ۽ سندن جيجل مائرون ، ڀينرون ، ونيون ۽ نياڻيون روڊن تي سراپا احتجاج هجن تہ اھڙي وقت ۾ هي سرڪاري ايوارڊ وٺڻ مون لاء سودي بازي جي برابر آھي. آئون سائين جي ايم سيد جو هڪ ننڍڙو شاگرد ، عبدالواحد آريسر جو دوست ۽ سنڌي ٻوليء جو ننڍڙو اديب ۽ خادم آهيان. ان ڪري آئون ھي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪريان ٿو ۽ پنھنجو ھي موقف تاريخ جي رڪارڊ تي رکان ٿو.