ناميارو شاعر ۽ اديب شوڪت ڌماچ دل جو دورو پوڻ سبب 58 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ٽنڊوڄام:- سنڌ جو ناليوارو ليکڪ شوڪت ڌماچ اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد ۾ 58 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.جنهن جو مڙهه ٽنڊوڄام لڳ اباڻي ڳوٺ محمد عرس ڌماچ ۾ جنازي نماز بعد سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.مرحوم شوڪت ڌماچ شگر، بلڊ پريشر سميت مختلف مرضن ۾ مبتلا رهيو ۽ انتهائي ڪسمپرسي واري زندگي گذاري. سندس بيماري دوران ثقافت کاتي به کيس نڌڻڪو ڇڏي ڏنو ۽ ڪا سار ئي نه لڌي. جڏهن ته سندس لاڏاڻي تي ثقافت کاتي جي عملدارن سميت سنڌ جي اديبن مان ڪو به جنازي نماز توڙي عذرخواهي لاء تڏي تي نه پهتو.مرحوم عرس ڌماچ مختلف وقتن تي چار ڪتاب لکيا جن ۾ جيون جي رڻ ۾، سخيءَ جي ڀر ۾، گهٽي گهٽيءَ ۾ عشق نچندو رهي ۽ چريو شخص شوڪت، شامل آهن.جڏهن ته مرحوم شاعري پڻ ڪئي جيڪا سنڌ جي نامياري گلوڪارن استاد وحيد علي، ثمينا ڪنول سميت مختلف گلوڪارن پنهنجن ڪلامن ۾ ڳائي.مرحوم جي شاعري ڪيترائي ڀيرا ريڊيو پاڪستان تان پڻ نشر ڪئي ويئي. جڏهن ته ريڊيو پاڪستان تان ڪيترائي ڀيرا استاد وحيد علي جي آواز ۾ نشر ٿيل “منهنجي غريبي غريبي” ڪلام تمام گهڻي شهرت ماڻي.مرحوم جي پونئيرن ۾ ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آهن. مرحوم جو تڏو ٽنڊوڄام لڳ ڳوٺ محمد عرس ڌماچ ۾ وڇايو ويو آهي، جتي علائقي جي مختلف ماڻهن پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي.