ناميارو شاعر تاج بلوچ 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي :- سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ نقاد تاج بلوچ 80 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ناليواري شخصيت تاج بلوچ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دل جو دورو پوڻ سبب دم ڏنو. نامياري شاعر تاج بلوچ کي دل جو دورو پوڻ ڪري ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو. تاج بلوچ جي جنازي نماز اڄ ڪراچي جي علائقي صفوران ڳوٺ ۾ ادا ڪئي ويندي. سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر تاج بلوچ جو پورو نالو تاج محمد بلو جتوئي هو. جڏهن ته ادبي دنيا ۾ تاج بلوچ جي نالي سان مشهور آهي. سکر جي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ سردار محمد مراد خان بلو 25 مئي 1940ع تي جنم وٺندڙ تاج بلوچ ناڻي کاتي ۾ ٽريزري آفيسر رهيو. تاج بلوچ جو شمار غزل ۽ نظم جي بهترين شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس شاعري جا چار مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ “درد جو صحرا”، “خوشبو جو زهر”، “لفظن جو ماتم” ۽ “دل جزيرو اداس موسمن جو” شامل آهن. تاج بلوچ جي بيان ڪرڻ واري انداز ۾ شوخي، دليري، بيباڪي، پختگي ۽ برجستگي هئي. تاج بلوچ سنڌ جي مشهور ادبي رسالي ماهوار “سوجهري“ جو چيف ايڊيٽر  هو، جنهن جا 100 کان مٿي پرچا نڪري چڪا آهن.