ناميارو اديب، تعليمي ماهر ۽ محقق قلندر شاهه لڪياري لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد :- ناميارو اديب، تعليمي ماهر ۽ محقق قلندر شاهه لڪياري لاڏاڻو ڪري ويو آهي، قلندر شاهه لڪياري کي ساهه  جي تڪليف سبب ڪراچي نجي اسپتال داخل ڪيو ويو هو، قلندر شاهه لڪياري 80 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ادبي حلقن ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي آهي.