ناليواري قانوندان رسول بخش پليجي جي اڄ 90 هين سالگرهه ملهائي ويندي

ڪراچي:- برک اديب، دانشور، قانوندان ۽ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي 90 هين سالگره اڄ 20 هين جنوري تي عوامي تحريڪ طرفان ضلعن جي هيڊڪوارٽرن ۾ ملهائي ويندي. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته رسول بخش پليجي سنڌ جي پورهيتن، هارين ۽ مزدورن کي منظم ڪيو، سنڌ جي عورتن ۾ سياسي شعور پيدا ڪري جدوجهد جي ميدان ۾ آندو. رسول بخش پليجي هيٺين طبقي جي لکين هارين، مزدورن ۽ عورتن کي گڏ ڪري جنرل ضياءَ کان وٺي جنرل مشرف پاران مڙهيل مارشل لائن کي چئلينج ڪيو، سالن جا سال جيلن جون اذيتون ڀوڳيون. رسول بخش پليجو سنڌي جي پاڻي جو وڪيل هو، هن مسلسل سنڌ جي پاڻي جي حاصلات ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف سگهاريون جدوجهدون هلايون. سنڌ جي اديبن ۽ صحافين تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو ته رسول بخش پليجي پنهنجي قلم ۽ جدوجهد جي ذريعي آواز بلند ڪيو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته عوامي تحريڪ رسول بخش پليجي جي ڏنل فڪر ۽ واٽ تي هلندي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.