ناليوارو صحافي، ليکڪ ۽ مشهور پروگرام ”پرک“ جو ڪمپيئر اسلم آزاد لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي :- ناليوارو صحافي، ليکڪ ۽ مشهور پروگرام ”پرک“ جو ڪمپيئر اسلم آزاد جي ساهه جي تند ٽٽي پئي.

اسلام آباد ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جتي طبيعت تمام گهڻي خراب هجڻ ڪري کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو. اسلم آزاد جي پُٽ مهراڻ سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سندس مڙهه حيدرآباد نيو پيو وڃي، جتي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي ويندي.

اسلم آزاد جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿيڻ کانپوءِ کيس حيدرآباد مان ڪراچي جي نجي اسپتال نيو ويو، ڊاڪٽرز جو چوڻ هو ته دل جي دوري جي جهٽڪن ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ سان گڏ هو جيري جي عارضي ۾ به مبتلا هو. اسلم آزاد 79 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس ٻن ڌيئرن ۽ هڪ پُٽ جو اولاد هو.

اسلم آزاد گهرواري سان عليحدگي کانپوءِ حيدرآباد ۾ پيرسن امڙ سان گڏ سروينٽ ڪوارٽر ۾ ترسيل هو، محرم جي مهيني ۾ سندس طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. ميڊيا تي خبرون اچڻ کانپوءِ وڏي وزير جي هدايت تي کيس ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.