ناليوارو صحافي، اديب ۽ ليکڪ ڪامريڊ سڪندر بختيار کوسو لاڏاڻو ڪري ويو

جيڪب آباد:- جيڪب آباد جو سينئر صحافي پريس ڪلب جيڪب آباد جو اڳوڻو صدر نالي وارو اديب ليکڪ ڪامريڊ سڪندر بختيار کوسو ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد 74 ورهين جي ڄمار ۾ ڪالهه هن فاني دنيا لاڏاڻو ڪري ويو. اطلاع تي ڪيترائي اديب شاعر، ليکڪ، صحافي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ وڏي انگ ۾ ڊکڻ محله افضل خان کوسو روڊ واري جاءِ تي گڏ ٿي ويا. مرحوم جي جنازي نماز  اڄ ادا ڪئي ويندي. ناليواري اديب ڪامريڊ س ب کوسو جي لاڏاڻي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آھي مرحوم ڪامريڊ سڪندر بختيار کوسو سڄي ڄمار تعليم ادب صحافت سميت سماجي ڪم ڪرڻ کي ارپي ڇڏي هئي نالي واري انگريزي اخبارن جو رپورٽر به رهيو ڪيترن ئي اخبارن ۾ مضمون تجزيه وغيره لکيا هئا هن جو نالو سدائين ياد رکيو ويندو ڇو جو هن صحافت جو مورال بلند ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو جنهن پنهنجي سياسي، صحافتي، سماجي ڪمن جي شروعات ساٿي ٻارڙا سنگت کان ڪئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو پڻ حصو رهيو.