ناليوارو اديب خليل مورياڻي لاڏاڻو ڪري ويو،مڙهه مٽي ماءُ حوالي

شڪاپور :- سنڌي ٻولي جو ناليوارو اديب خليل مورياڻي دل جو دورو پوڻ سبب شڪارپور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مڙهه سوين آلين اکين سان سوڳوار ماحول ۾ شڪارپور جي مختيارڪاري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. خليل مورياڻي جي جنازي نماز مورياڻي پاڙي ۾ قاري نثار احمد منگي پڙهائي، جنهن ۾ ناميارن اديبن اياز گل، ادل سومرو ، بدر اڄڻ ، نسيم بخاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. مرحوم جي وارثن سان عذرخواهي جو سلسلو جاري آهي.