ناليوارو اديب، تاريخدان ۽ دانشور عطا محمد ڀنڀرو 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌ ڌرتيءَ جو ناليوارو قومپرست، اديب، تاريخدان دانشور، ڏاھو، محقق، سائنس جو پيروڪار سائين عطا محمد ڀنڀرو
نوي ٩٠ ورهين جي ڄمار ۾ سنڌ کان ھميشه لاءِ وڇڙي ويو.. سائين عطا محمد سنڌ جي تاريخ تي ٽي سئو کان وڌيڪ ڪتاب لکيا ـ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ جون رسمون سڀاڻي سندس اباڻي ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ اداڪيون وينديونس.

جڏهن مري وڃان قبر جي چوڌاري زنجير ھڻي تختي لکجو، غلام قوم جو فرزند غلامي ۾ مري ويو زنجيرون سنڌ جي آزاديءَ تان ھٽائجو…

(عطا محمد ڀنڀرو)