نالائق ۽ نااهل وزيراعظم کي گهر وڃڻو پوندو: بلاول زرداري

ڪنڌڪوٽ:  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت کان سوال ڪيو آهي ته ڪيڏانهن ويون هڪ ڪروڙ نوڪريون؟ ڪاڏي ويا پنجاهه لک گهر؟ عمران خان جو نئون پاڪستان هڪ ڀوائتو خواب ثابت ٿي رهيو آهي.ڪنڌڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جون حالتون تمام ڀوائتيون ڏسي ر هيو آهيان، هن نالائق ۽ نااهل وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏئي گهر وڃڻو پوندو. پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته آصف زرداري کي علاج جي سهولت نه ڏئي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر آصف زرداري ڊنو ناهي، جهڪيو ناهي ۽ ٽٽو ناهي.بلاول جو اهو پڻ چوڻ هو ته اسان کي انصاف ڏيو نه ڏيو ساهيوال سانحي جي انهن ٻارن کي ئي انصاف ڏئي ڇڏيو جن جي آڏو سندن والدين کي قتل ڪيو ويو.هن چيو ته اسان کي جيلن ۾ قيد ڪرڻ چاهيو ٿا ته ڪري وٺو، ماڻهن کان ماني نه کسيو، ماڻهن کي بيروزگار نه ڪيو، جيئڻ جو حق ڏيو، ڪشمير ۾ اڄ به ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون آهي، ڪشمير جو دورو عوام کي منظور ناهي.