ناري مهڪ عرف عليزه جي ڪيس جو فيصلو اڄ به نه ٿيو، 18 فيبروري تي ٻڌايو ويندو

جيڪب آباد : جيڪب آباد جي عدالت ناري مهڪ عرف عليزه بابت ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو اڄ به نه ٻڌايو، سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج غلام علي ڪناسرو جي عدالت ناري مهڪ عرف عليزه واري ڪيس جو فيصلو اڄ به نه ٻڌايو، عدالت فيصلو 10 ڏينهن تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، جج ٻنھي ڌرين کي چيمبر ۾ طلب ڪري فيصلو ملتوي ڪرڻ بابت آگاهي ڏني، جنهن بعد ناري کي بعد 18 فيبروري تائين دارالامان حوالي ڪيو ويو. ڪيس جو فيصلو اچڻ کان اڳ شاگردياڻي جا وارث ۽ نوجوان علي رضا سولنگي ھڪ ھڪ ڀيرو دارلامان وڃي ناري سان ملاقات ڪري سگهندا. واضح رهي ته ناري جج آڏو بيان رڪارڊ ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو هو ته کانئس غلطي ٿي وئي آهي، هاڻي هو والدين سان گڏ وڃڻ چاهي ٿي. ناري چيو ته هن پهريون بيان جذبات ۾ اچي نه ڏنو هو.