نادرا نمرتا چنداڻي ڪيس ۾ پوليس جي سنجيدگيءَ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

لاڙڪاڻو :-   لاڙڪاڻو پوليس طرفان نمرتا جي هاسٽل روم مان غير معياري سيمپلز وٺڻ ۽ هڪ مهيني تائين پاڻ وٽ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. نادرا چيو آهي ته هر ممڪن حد تائين ڪوشش ڪرڻ باوجود غير معياري سيمپلز 11 سڃاڻپ ڪارڊز سان ميچ نه ٿي سگهيا. لاڙڪاڻو پوليس کي نادرا جي رپورٽ ملي وئي آهي.نادرا اختيارين آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي ڪيس جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو پوليس طرفان اُماڻيل فنگر پرنٽس جي سيمپل جي رپورٽ اُماڻي ڇڏي آهي. 14 نمبر تي جاري ٿيل ليٽر ۾ لاڙڪاڻو پوليس طرفان 16 آڪٽوبر تي اُماڻيل فنگر پرنٽس جي نمونن جو حوالو ڏنو ويو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس طرفان جيڪي فنگر پرنٽس مهيا ڪيا ويا، اُنهن کي آٽوميٽيڊ فنگر پرنٽس آئيڊنٽيفڪيشن سسٽم (اي ايف آءِ ايس) ذريعي هر ممڪن حد تائين ڀيٽڻ (ميچ ڪرڻ) جي ڪوشش ڪئي وئي، پر فنگر پرنٽس معيار تمام خراب هو، تنهن ڪري اهي لاڙڪاڻو پوليس طرفان اُماڻيل 11 سڃاڻپ ڪارڊز سان ميچ نه ٿي سگهيا. نادرا اختيارين رپورٽ سان گڏ اُهي 11 سڃاڻپ ڪارڊز به لاڙڪاڻو پوليس کي واپس موڪلي ڇڏيا. پوليس هڪ مهينو دير سان غيرمعياري فنگرپرنٽس موڪليا
نمرتا چنداڻي جي پُراسرار موت وارو واقعو 16 سيپٽمبر تي پيش آيو هو، ڪيس ۾ لاڙڪاڻو پوليس جي سنجيدگي ليٽر مان ظاهر ٿي وئي آهي، نادرا ليٽر ۾ نشاندهي ڪرائي وئي آهي ته نمرتا ڪيس ۾ ورتل فنگرپرنٽس جا سيمپلز هڪ مهينو دير سان 16 آڪٽوبر تي نادرا ڏانهن موڪليا ويا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته نمرتا چندناڻي جو هاسٽل روم مان لاش هٿ اچڻ واري واقعي کانپوءِ 11 مختلف جاين تان فنگر پرنٽس ورتا ويا هئا، جِن کي ميچ ڪرڻ لاءِ مهراڻ ابڙو ۽ علي شان ميمڻ سوڌو ٻين ماڻهن جا 11 سڃاڻپ ڪارڊز موڪليا ويا هئا.
نادرا جي ليٽر ۾ اها به واضح نشاندهي ڪرائي وئي آهي ته اُنهن کي فنگر پرنٽس جا نشان غير معياري مليا آهن، گهڻي حد تائين ڪوشش ڪرڻ باوجود فنگرپرنٽس جي نمونن کي ميچ ڪرڻ ممڪن نه ٿيو.