نااهل ڪٺ پتلي حڪومت جو به مقابلو ڪري غريب عوام جي حقن جو تحفظ ڪنداسين: بلاول زرداري

اوچ شريف: پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته پ پ ضياءَ ۽ مسرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو، هاڻ نااهل ۽ ڪٺ پتلي حڪومت جو به مقابلو ڪيو ويندو ۽ غريب عوام جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو. اوچ شريف ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪٺ پتي حڪومت قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن کان سليڪٽيڊ، جعلي ۽ ڪٺ پتلي حڪومت آئي، عوام جي آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ عوام جي معاشي حقن تي حملا ٿي رهيا آهن. هاڻ عوام تسليم ڪري ورتو آهي ته وزيراعظم عوامي نمائندو ناهي.بلاول ڀٽو جو چوڻ آهي ته جڏهن کان سليڪٽيڊ حڪومت آئي آهي، بجلي، گئس ۽ ڊالر سڀ ڪجهه مهانگو ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف جي بجيٽ عوام جو جيئڻ مشڪل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسان جي سليڪٽيڊ وزيراعظم معيشت جي خودمختاري جو سمجهوتو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن کان جعلي حڪومت آئي آهي، هارين جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي. هن حڪومت صرف اميرن کي فائدو ۽ غريب کي تڪيلف ڏني آهي.پيپلزپارٽي جي چيئرمين جو چوڻ هو ته اڄ سڄو پاڪستان چئي رهيو آهي ته وزيراعظم سليڪٽيڊ آهي، سڀني کي ياد آهي ته ڪئين ووٽ چوري ڪيا ويا ۽ ڌانڌلي زده حڪومت مسلط ڪئي وئي آهي.پ پ ضياءَ ۽ مشرف جي آمريت جو مقابلو ڪيو، هاڻ نااهل ڪٺ پتلي حڪومت جو به مقابلو ڪنداسين ۽ غريب عوام جي حقن جو تحفظ ڪنداسين.